سنڌوءَ جا رنگ....................................... سنڌ ۾ ڇا ڇا نه آهي
سنڌ جو بهترين آبپاشي نظام
اسان جي سنڌ جا خوبصورت منظر ۽ اچو ته ڏسون اسان جي سنڌ ۾ ڇا ڇا نه آهي؟
اسان جي سنڌ جي سڀ کان پهرين سونهن اسان جي سڃاڻپ سنڌو آهي. مهراڻ جون موجون ته دنيا جهان ڄاڻي ٿو. اسان جي سنڌ ۾ آبپاشي جو بهترين نظام گڊو بيراج ۽ سکر بيراج جو مثال اسان جي سامهون آهي. هتي سنڌو جا ڪجهه منظر پيش ڪجن ٿا.

سنڌو درياءَ جي ناياب مڇيءَ جو نسل
سنڌو درياءَ مان ملندڙ ناياب مڇيءَ جو هي نسل جنهن کي اسان پنهنجي علائقائي زبان ۾ ٻلهڻ ۽ انگريزي ۾ (Blind Dolphin) چئون ٿا. پر افسوس سنڌو درياءَ ۾ پلجندڙ هي ٻلهڻ انڌيون پيدا ٿين ٿيون.

ڪراچي سنڌ جي وڏي بندرگاهه
ڪراچي بندرگاهه جيڪا سنڌ جي ناڻي ۽ واپار جو اهم ذريعو آهي. جتي دنيا ڀر جا بحري جهاز اچي لنگر انداز ٿين ٿا ۽ هن بندرگاهه تان دنيا ڀر جي ملڪن سان روزانو لکين ۽ ڪروڙين روپين جو ڪاروبارڪيو وڃي ٿو.

سونهاري سنڌ جا تفريحي ماڳ
سنڌ ۾ تفريحي ماڳن جي کوٽ نه آهي. خاص ڪري سنڌ جو ڪوهستان وارو علائقو ۽ ٿر جا رنگين منظر سنڌ جي سونهن جي عڪاسي ڪن ٿا.
سونهاري سنڌ جا مشهور الله لوڪ صوفي بزرگ ۽ شاعر
اسان جي سونهاري سنڌ هميشه امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي ۽ امن ۽ محبت جو پيغام ڏيڻ وارن کي ئي هميشه جنم ڏنو آهي. اهڙين هستين مان سنڌ جو سونهارو بزرگ ۽ شاعر سنڌي شاعرن جو سرتاج شاه عبداللطيف ڀٽائي رح پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ته وري صوفين جي صف ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سچل سارو سچ حضرت سچل سرمست به (صوفي ازم) جو مڃيل شاعـر ٿي گذريو آهي. ته وري لعلن جو لعل شهباز قلندر شهباز به اسان جي سونهاري سنڌ مان جنم ورتو ۽ هميشه هن ڌرتيءَ تي حق ۽ سچ جو پيغام پهچايو آهي ۽ عبدالرحيم گرهوڙي جون 16 صديءَ جون اڳـڪٿيون سندس شاعري جي رسالي ۾ پڙهڻ وٽان آهن ۽ حمل فقيرجي شاعري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ ماضيءَ ۾ موتي ۽ ماڻڪن جي ڌرتي هئي. جتي هر موتي ٻئي کان قيمتي نظر ايندو.
اسانجي سونهاري سنڌ ۾ هٿ جو هنر
سنڌ جا مرد هنرمند
اسانجي سونهاري سنڌ هن جنم ڀومي جي ڪڙمين ۽ ڪاريگرن جتي پاڻ ملهايو آهي. سنڌ ۾ ڪوري (يعني ڪپڙو ٺاهڻ وارا ته مشهور آهن ). جيڪي ڪپڙو اڻن ٿا.هالا جا ڪاريگر ڪاشيءَ جا ٿانو ٺاهڻ ۾ پوري پاڪستان ۽ دنيا ۾ مشهور آهن ته وري اتان ئي سنڌ جي سونهن اجرڪ ۽ ٽوپي به ڊزائين ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جي ٽوپيءَ جي هڪ زبردست خاصيت اها به آهي جنهن جي ڪري سنڌي ٽوپي دنيا ڀر ۾ پسند ڪئي وڃي ٿي. ته سنڌي ٽوپي مسجد جي محراب کي نظر ۾ رکندي ڊزائين ڪئي وئي آهي ۽ نماز پڙهڻ مهل پيشاني اڳيان نه ٿي اچي. جيڪا خاصيت ڪنهن ٻي ٽوپيءَ منجهه نه آهي. سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپيون اسانجي ملڪ سميت دنيا ڀر ۾ طحفي طور موڪليون وڃي ٿي. ته اتي ئي سنڌ جا واڍا ۽ ڊکڻ به پنهنجي ڪرت ۾ ماهر آهن.
هيٺ ڏنل تصويرون سندن محنت ۽ جفاڪشيءَ جو ثبوت آهن.
سنڌ جون عورت هنر هنرمند
جتي سنڌ جي مرد ڪاريگرن جو ذڪر ڪجي ٿو ته اتي وري سنڌ سونهاريءَ جون عورتون به هٿ جي هنر ۾ ڪو گهٽ ڪونه آهن. جن ۾ محنت ڪش عورتون اتر ۽ لاڙ جون ليکيون وڃن ٿيون. هوئن ته پوري سنڌ جون عورتون محنت ڪش ۽ جفا ڪش آهن. پر اتر لاڙ جون عورتون هٿ جي هنر ۾ ماهر مڃيون وڃن ٿيون. جيڪي هٿ جي هنر جو استعمال ڪندي، سهڻيون ۽ دلڪش رليون ٺاهين ٿيون، ته ڪي وري سڳييون ٺاهڻ ۽ ڀرت ڀرڻ ۾ ته ڪري وري ذريءَ تي ڀرت ڀرڻ ان کان علاوه ڪڙهائي ۽ فيشن ايبل سوٽ ٺاهڻ ۾ به گهٽ نه آن
هي تصويرون سندن محنت ۽ جفا ڪشي جي عڪاسي ڪن ٿيون.
دنيا ۾ پاڻ مڃائيندڙ سنڌ ڌرتيءَ جا املهه قومي هيرا
اهڙن هيرن ۾ ته ڪئين نالا پيش اچن ٿا. پر اسان پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جي امله هيرن جو ذڪر ڪيون ٿا. پاڪستان ٺهڻ ۾ خلافت تحريڪ هلائڻ وارن ۾ مولانا عبيد الله سنڌي، مولانا محمد علي جوهر، حصرت صبغت الله شاهه راشدي، جي ايم سيد ۽ سنڌ کي پنهنجو جگر ۽ خون ارپڻ وارو ڀٽو خاندان سرفهرست آهي. جنهن ۾ اڄ به ” ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو“ جو نالو وڏي فخر سان ورتو وڃي ٿو. ذوالفقار علي ڀٽو اهو ليڊر هو. جنهن پاڪستان کي آئين ٺاهي ڏنو. ذوالفقار علي ڀٽو اهو ليڊر هو. جنهن جنرل نيازي جي فوجي شڪست تي شمله ۾ اندران گانڌيءَ سان صرف ٽيبل تاڪ ڪري پاڪستان جا 90000 هزار فوجي هندستان جي قبضي مان آزاد ڪرايا. پاڪستان ۽ ڪشمير جي سرزمين هندستان جي قبضي مان ڇڏرائي. ته اتي ئي وري ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي ليڊر ئي پاڪستان ۾ آمرانه حڪومت جو خاتمو آندو ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام کي اڳتي آندو ۽ آمريڪا، روس جرمني ۽ فرانس جي پابندي باوجود پاڪستان ۾ پهرين ايٽمي گهرجو بنياد رکيو ۽ ان عظيم مشن کي ڪاميابي سان سرنجام ڏئي پايه تڪميل تائين پهچايو. اڄ آمريڪا پوري مسلم دنيا ۾ صرف پاڪستان سان ڪلهو ملايو آهي ۽ انڊيا به ڪاڻي اک ڪري ڏسڻ کان لنوائي ٿو. صرف ان ڪري جو اڄ اسلامي ملڪن ۾ صرف پاڪستان ئي اهو واحد ملڪ آهي. جيڪو نيو ڪليئر ۽ ايٽمي بم رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ورنه پاڪستان آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي لاءِ هڪ پاءُ بصر جي اهميت به نه ٿو رکي ۽ اگر آمريڪا جي ليڊرن سان اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهايو ته اهو ذوالفقارعلي ڀٽو هو. پر افسوس ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس نياڻي جيڪي عظيم قربانيون ڏئي پنهنجو رت ۽ خون ڏئي هميشه هميشه لاءِ سرخرو ٿي ويا. اڄ ان ئي پارٽي ۾ اها موجوده ليڊرشپ نه آهي جيڪا ليڊرشپ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ هئي.


